آخر ڪير آهي جيڪو ميرٽ تحت ڀرتيون نٿو چاهي؟

 

خبرون آهن ته گهرو کاتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي بنياد تي پوليس ۾ اي ايس آءِ طور ڀرتي ڪرڻ لاءِ چونڊيل 253 اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ عمل روڪي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻيل سمري ۽ ڪميشن پاران تيار ڪيل دستاويز غائب ٿي ويا آهن. اميدوارن کان لکت ۾ امتحان ۽ زبان انٽرويو وٺڻ بعد نج ميرٽ تي 7 جنوري 2015 تي صوبائي گهرو کاتي کي ڀرتين لاءِ سفارش اماڻي وئي هئي، هونئن به گهرو کاتو ڪميشن جي سفارش جي روشني ۾ اميدوارن کي فوري طور تي آفر آرڊر ڏئي ڀرتي ڪرڻ لاءِ پابند آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي جو اميدوارن جي سليڪشن کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر گهرو کاتو ڪا اڳڀرائي ناهي ڪري سگهيو. حالانڪ درستن بعد سمري جو مسودو وڏي وزير جي منظوري لاءِ گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو ۽ جيڪي اطلاع آهن تن موجب اي ايس آئيز جي ڀرتي وارو اصل فائل واپس لاڳاپيل سيڪشن ۾ اچي ويو آهي پر سمري جو مسودو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران چونڊيل اميدوارن جي ڀرتي لاءِ ڪيل سفارش وارا دستاويز غائب آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سمري اڃا تائين گهرو سيڪريٽري جي آفيس مان وڏي وزير جي آفيس تائين ناهي پهتي، حيرت جي ڳالهه آهي ته گهرو کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ان ڳالهه کان مڪمل طور بي خبر آهن ته سمري ۽ ڪميشن جي ڀرتي واري سفارش تي ٻڌل دستاويز ڪي گم ٿي ويا آهن. جڏهن فائل واپس سيڪشن ۾ پهتو آهي ته سمري ۽ ٻيا دستاويز ڪيڏانهن غائب ٿي ويا، هتي هي سمورو طريقيڪار شڪ شبهن کي جنم ڏئي ٿو ۽ ڀرتين جي حوالي سان اميدوارن پاران جيڪي شڪايتون اچي رهيون آهن انهن ۾ ڪنهن حد تائين سچائي نظر اچي ٿي ته حڪومت ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته نج ميرٽ تي ڀرتيون چاهي ٿي پر وچ ۾ ڪا اهڙي مخصوص مافيا آهي جيڪا سفارشي ماڻهو پوليس ۾ اي ايس آءِ طور پئسن عيوض ڀرتي ڪرائڻ جي خواهشمند آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ميرٽ تي ڀرتين واري عمل تي اٽڪل بازي واري طريقي سان بريڪ ڏنو ويو آهي. هي معاملو وس وارن لاءِ به چئلنيج آهي ته اهي ڪهڙي ريت ان سگهاري مافيا کي منهن ڏين ٿا جيڪا پاڻ کي حڪومت کان به وڌيڪ طاقتور سمجهي ٿي ۽ هٿ ڌوئي سرڪار جي بدنامي لاءِ پيل آهي. ميرٽ تي ڀرتيون ته ائين گهربو هو جو هڪ ڏينهن جي به دير بنا ڪيون وڃن ها ۽ جن اميدوارن پنهنجي اهليت ثابت ڪئي آهي انهن کي آفر آرڊر جي صورت ۾ سندن قابليت جو انعام ڏنو وڃي ها پر ابتڙ هڪ مهيني کان وڌيڪ معاملي کي التوا ۾ رکي اميدوارن کي ۽ سندن خاندانن کي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي. هتي جڏهن ميرٽ جو اهو حشر نشر ٿي رهيو آهي ته ٽيسٽون ۽ انٽرويو ڪليئر ڪرڻ باوجود اميدوار ڀرتي ئي نٿا ٿين ته پوءِ ٻين کاتن جو ڪهڙو حال هوندو، ارباب اختيارين لاءِ هي سوچڻ جو مقام آهي، ڇاڪاڻ جو پوليس ۾ اي ايس آئيز جي ميرٽ تي ڀرتين وارو معاملو هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي پر جيڪڏهن ٻين کاتن تي نظر ڦيرائبي ته اتي به ميرٽ تين وال نظر ايندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اک پٽي بدنامي جو باعث بڻجندڙن کي لغام ڏئي اهل اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ ان معاملي جي جاچ به ڪرائي وڃي ته آخر ڪير آهي جيڪو ميرٽ تحت ڀرتيون نٿو چاهي؟ اميد آهي ته هنگامي بنيادن تي هي مسئلو حل ڪري ميرٽ تي عمل واري دعويٰ جو عملي ثبوت ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *