9 ۽ 10 محرم الحرام دوران فول پروف سيڪيورٽيءَ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 ۽ 10 محرم الحرام دوران فول پروف سيڪيورٽيءَ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان محرم جي سڪيورٽيءَ جي حوالي سان باقاعدگيءَ اجلاس گهرايا ۽ ذاتي طور تي مرڪزي جلوس جي رستن جو دورو پڻ ڪيو انڪري جيتري قدر سڪيورٽي جو تعلق آهي ان حوالي سان ڪوبه معاملو نه هئڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اڄ 9 ۽ 10 محرم الحرام جي مجلسن ۽ جُلوسن جي سڪيورٽي بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي قانون واري  صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، گهرو سيڪريٽري رياض سومرو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته 9 محرم تي 528 مجلسون ٿينديون جنهن ۾ سنين جون 39 به شامل آهن. اهڙي ريت 10 محرم تي 403 مجلسون بشمول 23 سنين جون ٿينديون. اهڙي طرح شهر ۾ 9 محرم واري ڏينهن 279 جلوس ۽ 10 محرم الحرام تي 289 جلوس نڪرندا. آءِ جي سنڌ چيو ته 10 محرم الحرام تي گڏيل طور تي 25674 تي ٻڌل فورس بشمول 22381 پوليس اهلڪار، 389 ليڊي پوليس، 2778 رضاڪار مقرر ڪيا ويندا. محرم الحرام تي نڪرندڙ جلوسن جا تفصيل ٻڌائيندي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته 9 محرم الحرام تي صبح 10 وڳي هڪ جُلوس بي بي فاطمه امام بارگاهه کا نڪرندو ۽ اوڀر ضلعي کان ٽي تلوار واري علائقي ۾ داخل ٿيندو. جُلوس جو رستو بي بي فاطمه امام بارگاهه لياقت آباد نمبر 10 کان تين هٽي ڏانهن ويندي لياقت آباد پوسٽ آفيس، تين هٽي، جهانگير روڊ، شاهه نجف امام بارگاهه، مارٽن ڪوارٽر، جامعه بنوري، گرو مندر، بهادر يار جنگ روڊ، سولجر بازار ۽ نشتر پارڪ جتي اهو مرڪزي جُلوس ۾ شامل ٿيندو. مرڪزي جُلوس منجهند 12 وڳي نشتر پارڪ کان شروع ٿيندو ان جو رستو نشتر پارڪ کان پراڻي نمائش، صدر ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، ايم اي جناح روڊ، ڊينسو هال، بولٽن مارڪيٽ، پلاسٽڪ مارڪيٽ کان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه پهچندو. عزادار ظهرين واري نماز علي رضا امام بارگاهه ايم اي جناح روڊ تي ادا ڪندا ۽ حسينه ايرانيان امام بارگاهه کارادر ۾ اختتام ٿيندو. هن چيو ته 10 محرم الحرام تي جُلوس صبح 10 وڳي نشتر پارڪ کان شروع ٿيندو جنهن جو روٽ نشتر پارڪ کان پراڻي نمائش، صدر ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، ايم اي جناح روڊ، ڊينسو هال، بولٽن مارڪيٽ، پلاسٽڪ مارڪيٽ، حسينيه ايرانيان امام بارگاهه تي پهچندو. جُلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ منجهند 1:30 وڳي تبت سينٽر ويجهو نماز ظهرين ادا ڪندا. جُلوس شام ڇهه وڳي ختم ٿيندو. اي ڊي خواجه وڏي وزير کي مرڪزي جُلوس جي فليش پوائنٽ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اتي سڪيورٽي جا وڌ کان وڌ انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نشتر پارڪ، نمائش، امام بارگاهه علي رضا، ڪيپري سينيما، صدر دوا خانو، ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، تبت سينٽر، سعيد منزل، عيدگاهه مارڪيٽ، لائيٽ هائوس، بولٽن مارڪيٽ، وڏو امام بارگاهه، بغدادي، کارادر ۽ حسينه ايرانيان امام بارگاهه وٽ رزرو فورس جون چار پلاٽون مقرر ڪيون وينديون. ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر چيو ته 10 محرم الحرام تي تعزئي جي مرڪزي جُلوس ۾ ايم اي جناح روڊ تي شهر جي مختلف حصن مان پهچندڙ ننڍا تعزيا شامل ٿي ويندا ۽ ايم اي جناح روڊ جي رستي نيٽي جيٽي ڏانهن ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيترائي ماڻهو روايتي رستي جي پيروي ناهن ڪندا جنهن ڪري جُلوس جي شروع ۽ آخر ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيندو آهي، ان کي ڏسندي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مان صلاح ڏيندس ته خال ٿيڻ نه ڏنو وڃي. اجلاس ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ انخلاءِ واري پلان تي به غور ويچار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *