دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ تڪرار سياسي معاشي ۽ سماجي ڪمزوري جو خاتمو به ضروري آهي: مليحه لوڌي

نيويارڪ (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ تڪرار سياسي معاشي ۽ سماجي ڪمزوري جو خاتمو به ضروري آهي ملڪ ۾ دهشتگردن جي ختم ٿيڻ تائين جنگ جاري رهندي. ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم رياستي دهشتگردي آهي مسئلي تي گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي بين الاقوامي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل کي گڏيل قومن ۾ بحث دوران گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي خلاف فوجي ڪارروائي ۽ گڏيل نيشنل ايڪشن پلان تي عمل پيرا آهي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف يڪجهتي حڪمت عملي جوڙي آهي جڏهن ته دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ انهن ڪمزورين کي ختم ڪرڻ ضروري آهي هن چيو ته نقصانن کان دهشتگردي خلاف ويڙهه جو اسان جو عزم پختو آهي. ان ڪري ملڪ مان دهشتگردن جي ختم ٿيڻ تائين جنگ جاري رهندي. مليحه لوڌي مغرب ۾ اسلام فوبيا کي هوا ڏيندڙن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ڄاڻي واڻي نفرت ڦهلائيندڙن جي خلاف ڪارروايون ڇو نٿيون ڪيون وڃن دنيا متفق آهي ته دهشتگردي کي ڪنهن مذهب سان جوڙي نٿو سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *