ملڪ جي غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق ۽ 2 وقتن جي ماني به کسي پئي وڃي: خورشيد شاهه

لاڙڪاڻو(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ جي غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق ۽ انهن کان 2 وقتن جي ماني به کسي پئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته هڪ پاسي حڪوتم طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي رهيا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي غريبن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڇي. خورشيد شاهه چيو ته گيس اگهن ۾ 36 سيڪڙو واڌ ڪرڻ غريب عوام تي ظلم آهي، پيپلز پارٽي گيس جي اگهن ۾ ظالماڻي واڌ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي ۽ عوام تي اهو ظلم نه ٿيڻ ڏبو. مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان ايم ڪيو ايم باني سميت ڪنهن به شخصيت کي محبت وطن يا غدار هئڻ جو سرٽيفڪيٽ نٿا ڏئي سگهون جڏهن ته 30 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جو ڌرڻ ان جو پنهنجو رد عمل آهي ان ۾ پ پ جو ڪو به ڪردار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *