70 لک عورتن کي وظيفو، موبائيل فون ۽ غريبن ۾ بچت اڪائونٽ کولڻ جو اعلان ت ا

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيا نشتر چيو آهي ته احساس پروگرام وزيراعظم جي پهرين ترجيح آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته احساس غربت کي ختم ڪرڻ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي هن چيو ته هي پروگرام غريب ماڻهن لاءِ آهي هن چيو ته احساس رڳو سماجي تحفظ جو پروگرام ئي ناهي پر ان ۾ 115 پاليسيون آهن هن چيو ته حڪومتي ادارن کي بهتر بنائڻ به هن پروگرام جو حصو آهي هن چيو ته حڪومت جا ٺيڪا ڏيڻ جي طريقي کي به بهتر بنائڻو پوندو هن چيو ته ننڍن ٺيڪن لاءِ به موقعا بڻايا ويندا هن چيو ته يونين ڪائونسلز ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ ترقي ۽ مقررين کي بهتر بڻايو ويندو هن چيو ته جن علائقن ۾ شڪار جي اجازت آهي اتي اجازت نامه ڏئي ڊالرز ڪمايا وڃن هن چيو ته سماجي تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي وفاقي حڪومت سماجي تحفظ تي هر سال ڳچ رقم خرچ ڪري ٿي هن چيو ته سماجي تحفظ جي سمورن ادارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو پيو وڃي حقدار ماڻهن جو شفاف تعداد معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ سروي ٿي رهيو آهي هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ وڌيڪ سڌارا آندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *