ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 27 کان وڌيڪ فوت، 44 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي/بدين /لاهور (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ضلعي بدين جانورن جا ست واپاري هڪ حادثي ۾ فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا آهن اطلاعن موجب مني ٽرڪ ۾ سوار واپاري جڏهن بدين ڪراچي روڊ ويجهو بس اسٽاپ کوارچي پهتا ته سندن ٽرڪ تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي حادثي سبب مٺي ٽائون جي ويجهي ڳوٺ ساگورو سان تعلق رکندڙ محمد حسن جوڻيجو ۽ غلام رحيم جوڻيجو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٻين ستن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جاويد، نيڪ محمد جهنگرو، قربان جهنگرو ۽ اياز ۽ وي جي ڀيل کي بدين ۽ سجاول ۽ حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهچايو ويو هو جتي اهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا اسپتالن ۾ فوتي پنجن جو تعلق اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ پنيارو سان هو واپاري جانورن کي وڪرو ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي کان واپس پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ اهو حادثو پيش آيو.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روڊن حادثن ۾ 20 کان وڌيڪ فوت ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ٽريفڪ حادثا ڪشمور، چيچا وطني، ميانوالي، خانيوال، جهانيان، ڪوئيٽا، دالبدين ۽ بنون ۾ پيش آيا. ڪشمور ۾ عظيم ڦاٽڪ ويجهو رڪشي کي بچائيندي مسافر ڪوچ اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر فوت ۽ 13 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو. چيچا وطني ۾ گيمبر ڀرسان ٻه ٽرالر ٽڪرجڻ سبب 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جهانيان جي ڀرسان ڳوٺ 147 ٽين آر ۾ ٽرڪ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڊرائيور سميت 3 ڄڻا فوت ٿيا. بوري والا ۾ لاهور روڊ تي مانا موڙ وٽ بس اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا. سرگوڌي ۾ ڪوٽ انٽرچينج ڀرسان راولپنڊي کان خانيوال ويندڙ مسافر ڪوچ ٽائر ڦاٽڻ سبب اونڌي ٿي ۽ حادثي ۾ ٻه مسافر فوت ۽ 7 سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن ڪوهاٽ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا. ميانوالي ۾ موسيٰ خيل روڊ تي ٿيل حادثي جو هڪ زخمي ٻار سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو انگ 5 ٿي ويو. بنون جي علائقي ڊوميل ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ٿي پيا ۽ ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي دم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *