خبردار آئون ميڊيم نه پر فاسٽ بالر آهيان: آندر رسل

ناٽنگهم ( اسپورٽس نيوز ) عالمي ڪپ 2019ع ۾ ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ بهترين اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽرينٽ/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

برج ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان هارايو هيو جنهن ۾ ويسٽ انڊين بالر آندر رسل شروعات ۾ ئي ٻه وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو هو.ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آندري رسل کي هڪ ڀلور آل رائونڊر طور به سڃاتو ويندو آهي ته پر سندس چوڻ آهي ته هو هڪ فاسٽ بالر آهي ۽ کيس ميڊيم پيسر چوڻ تي هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي .رسل جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ماڻهو مونکي چوندا آهن ته مان بهترين بيٽسمين آهيان، پر آئون انهن سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان هڪ فاسٽ بالر به آهيان.رسل چيو ته منهنجي خيال ۾ ماڻهو منهنجي صلاحيتن کي ڀرپور موٽ ناهن ڏيندا، جڏهن ته مان وڏي اسڪرين تي ڏسندو آهيان مونکي ميڊيم پيسر چيو ويندو آهي ! آئون پڇان ٿو ته اهي ڪير آهن جيڪي ائين ڪري رهيا آهن؟هن چيو ته مونکي اهو سڀ ڏاڍو برو لڳندو آهي ۽ جيڪي به اهڙي حرڪت جا ذميوار آهن کين ميڊيم پيسر کي فاسٽ بالر ۾ بدلائڻ گهرجي.رسل وڌيڪ چيو ته آئون ڪيئي ورهين کان گوڏي ۾ تڪليف هئڻ باوجود ميچون کيڏي رهيو آهيان، ڪڏهن، ڪڏهن منهنجي حالت بدترين ٿي ويندي آهي پر مان ڄاڻان ٿو ته آئون هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر آهيان ۽ مونکي ڪهڙي نموني ان تڪليف مان ٻاهر نڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *