52 ڪروڙ جا تحفا ڏنا ۽ ورتا ويا، ڇا حلال جي مال مان ڪو اهڙا تحفا ڏيندو آهي: سراج الحق

اسلام آباد (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته ممتاز قادريءَ جي شهادت تي ملندڙ بد دعائون حڪمرانن کي لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته پاناما اسڪيڊل حڪمران خاندان جي لاءِ اهڙي ڌُٻڻ ثابت ٿي ره ياهي جنهن مان سندن نڪرڻ ناممڪن آهي، اسان ٻڌي رهيا آهيون ته 52 ڪروڙ جا تحفا ڏنا ۽ ورتا ويا، ڇا حلال جي مال مان ڪو اهڙا تحفا ڏيندو آهي، پر جتي مال مفت جو هجي اتي دل بي رحم هوندي آهي، مان سمجھان ٿو ته حڪومت وڏي ڪوشش ڪئي ته ”ڌوڙ وجھو“ پاليسيءَ تي عمل ٿئي پر اسان کي عدالت تي يقين آهي اها سچائي ۽ حقيقت تي پهچي ويندي ۽ جيڪو به ان ڪرپشن ۽ پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث آهي ان کي سزا ملندي. هن چيو ته اڄ عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر حديبيه ملڪ بابت رمارڪس ڏنا. هن ڪيس ۾ ٻيهر جاچ جي ضرورت آهي ۽ اڄ اسان جي ان موقف کي طاقت ملي رهي آهي ته جڏهن نئب جي چيئرمين جي مقرريءَ ۾ مخالف ڌر ليڊر ۽ وزيراعظم ئي فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ۽ سندن مرضيءَ سان مقرري ٿئي ته تاريخ ثابت ڪيو ته هو حڪمرانن جو احتساب نه ٿا ڪري سگھن، ان ڪري ان تجويز کي دهرائڻ چاهيندس ته نئب جي چيئرمين جي مقرري 100 سيڪڙو غير سياسي هجي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، ۽ چئني صوبن جي هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ان جي مقرري ڪن جيئن سموري قوم اهو سمجھي ته 100 سيڪڙو غيرجانبدار، عدل ۽ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *