شروعات ۾ ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو، رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ فلمون ڪندو هئس: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته هو هڪ جنوني اداڪار آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اڪشي ڪمار کي فلم انڊسٽريءَ ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو وقت ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن اداڪاري جي پيشي کي رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ چونڊيو هو، پر هن جو چوڻ آهي ته وقت سان گڏوگڏ هن پاڻ کي جنوني اداڪار بڻايو ۽ اها تبديلي سندس زندگيءَ ۾ 1999ع جي فلم ”سنگهرش“ سان آئي ۽ هن پنهنجي ڪم سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هاڻي هو هڪ جنوني اداڪار آهي. اڪشي چيو ته ايمانداري سان چوان ته آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان جو آئون ان انڊسٽريءَ جو حصو آهيان. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ آئون پنهنجي ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندو هوس، جڏهن هڪ سٺو بئنڪ بيلنس ٺاهي ورتو ان کان پوءِ خطرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيم. جيڪڏهن آئون پنهنجي ڪيريئر تي نظر وجهان ته فلم سنگهرش هڪ اداڪار طور منهنجو نظريو تبديل ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *