اسحاق ڊار مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو، ان جي بيان ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ايه ته ڪڏهن به ڪنهن ليڊر جي اهڙيءَ طرح جھڙتي ناهي ورتي وئي، هي پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ حڪمرانن جي جھڙتي وٺي رهي آهي، سپمري ڪورٽ ٻاهران پاناما ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اڄ اصل مني ٽريل سامهون آيو ته 2-1 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿي. اسحاق ڊار مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اسحاق ڊار جي بيان ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي، ن ليگ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رهي آهي، خوشي آهي ته اڄ سڀ ڪجھه سامهون اچي رهيو آهي، هِن ڪيس جو جيڪو به نتيجو نڪتو ان سان پاڪستان جي تاريخ بدلجي ويندي.حديبيه پيپر مل وسيلي اربين رپيا لُٽيا ويا، پهريان مشرف اين آڙ او ٺاهيو پوءِ زرداريءَ به ڪرپشن کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪجھه نه ڪيو ڇو ته هِنن وچ ۾ ميثاق جمهوريت وسيلي ڏي وٺ ٿي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *