5 ارب کان وڌيڪ جي ڪرپشن، شرجيل ميمڻ عدالتي اڱڻ مان گرفتار، مذاحمت، ڇڪتاڻ، نعريبازي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ٿيڻ بعد نيب شرجيل ميمڻ کي عدالت مان گرفتار ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ شرجيل ميمڻ سميت ٻين 13 جوابدارن طرفان داخل ضمانت ۾ واڌ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر ياسر صديق مغل شرجيل ميمڻ جي عبوري ضمانت ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل انعام ميمڻ سميت 13 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ وڪيل شهاب سرڪي جي ذريعي نيب کي گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن کي چيف جسٽس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، شرجيل ميمڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ تائين نيب کي گرفتاري کان جهليو وڃي، شرجيل ميمڻ جي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد نيب جي ٽيم کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت پهتي ته سندس وڪيلن نيب عملدارن کي اندر اچڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته ان موقعي تي رينجرز به عدالت ٻاهران پهچي وئي، ڪيس جي ٻڌڻي ختم ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ جا جج صاحب به عدالت مان روانا ٿي ويا، پر شرجيل ميمڻ عدالت کان ٻاهر نه آيو، جڏهن ته سندس وڪيلن درخواست ڪئي ته شرجيل ميمڻ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو وڃي، پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ عدالت جي عمارت ۾ موجود رهيو، جڏهن ته نيب ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان 4 کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته شام 5 وڳي ڌاري شرجيل ميمڻ جي عدالت مان ٻاهر اچڻ تي نيب جي ٽيم ان کي به گرفتار ڪري ورتو، نيب عملدارن طرفان جڏهن شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو ته سخت ڇڪتاڻ ٿي ۽ ان دوران اڳوڻي وزير جي قميص جا بٽڻ به ٽٽي پيا، شرجيل ميمڻ جي گرفتاري وقت پيپلز پارٽي جا ڪجهه اسيمبلي ميمبر به ساڻس گڏ هئا، جن اڳوڻي وزير جي گرفتاري تي مزاحمت ڪئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ سڪيورٽي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي نفري به موجود هئي، نيب عملدار شرجيل ميمڻ کي گاڏي ۾ ويهاري گڏ وٺي ويا، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري نيب جي گاڏي کي گهيري ۾ آڻي رکيو هو، اڳوڻي صوبائي وزير کي سخت سڪيورٽي ۾ نيب سنڌ جي ريجنل آفيس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي سندس وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن جو وڏو انگ ۾ گڏ آيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ کي سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، واضح رهي ته پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل ميمڻ تي سنڌ جي سڌ سماءَ کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جا الزام آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *