ٽلرسن جي پاڪستان ياترا ۽ ڊومور جو راڳ…!

آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کان ڊومور جو مطالبوڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي سمورن گروهن خلاف ڪارروائي ڪريو. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن مختصر دوري تي پاڪستان آيو ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير خواجه آصف، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، دفاع وارو وزير خرم دستگير خان، گهرو وزير احسن اقبال سميت اعليٰ عملدار شريڪ هئا. ملاقات ۾ پاڪستاني قيادت آمريڪي پرڏيهي وزير کي نئين آمريڪي پاليسي بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ڀارت طرفان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سميت خطي ۾ سلامتي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته ڀارت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دنيا کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي، ڀارت بلوچستان ۽ ايل او سي ۾ مسلسل جارحيت ڪري رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم نتيجا حاصل ڪيا آهن. ڀارت خطي ۾ امن جي ڪوششن لاءِ خطرو آهي ۽ ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪرڻ سان گڏوگڏ ايل او سي تي مسلسل جارحيت ڪري رهيو آهي. آمريڪا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.

ريڪس ٽلرسن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي. دهشتگردن جو خاتمو ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهي. هن پاڪستان تي زور  ڏنو ته سمورن دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان خطي ۾ اهم آمريڪي اسٽريٽجڪ اتحادي آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن.  پاڪستان سان آمريڪا جي پراڻي حصيداري آهي ۽ پاڪستان خطي ۾ آمريڪا جو اهم اسٽريٽجڪ اتحادي ملڪ آهي.خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين جو قدر ڪريون ٿا، پاڪ آمريڪا لاڳاپا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام اهم آهن. پاڪستان سان سيڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا.

نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو ته آمريڪا اهو باور ڪرائڻ چاهي ٿو ته ڀارت اوهان جو مخالف ناهي. اسان اهو چيو ته ڀارت خطرو آهي. افغانستان ۾ ڀارت جو ڪردار قبول ناهي. اسان ٽلرسن کي چيو ته پاڪستان خلاف افغانستان مان حملا ڪندڙن کي سوگهو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *