نااهل شخص پارٽي جو سربراهه نٿو بڻجي سگهي، سينيٽ بل منظور ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف پارٽين چونڊ بل 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو وي. اليڪشن بل جي شق 203 ۾ ترميم جو بل سينيٽر شبلي فراز پيش ڪيو، ترميم بل جماعت اسلامي، مسلم ليگ ق، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ طرفان پيش ڪيو ويو، پيپلز پارٽي، ق ليگ، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، اي اين پي، فاٽا ميمبرن تحريڪ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا، بل پيش ڪرڻ واري تحريڪ جي حق ۾  46 ۽ مخالفت 21 ووٽ آيا. ترميمي بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو پارليامينٽ ميمبر بڻجڻ جو اهل ناهي اهو پارٽي سربراهه يا عهديدار بڻجڻ جي به اهل ناهي. سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ هو ته اها شق عدالتي فيصلي جي تذليل هئي، شق جي منظوري سان ايوان جي بدنامي ٿي ۽ پارليامينٽ تي داڳ لڳو، حڪومت طرفان ترميمي بل جي مخالفت ڪئي وئي، ان موقعي تي زاهد حامد جو چوڻ هو ته سڄي قانون ۾ مخالف ڌر طرفان 631 تجويزون آيون، اصل بل ۾ ڪا هڪ تجويز به شق 203 بابت نه هئي، ڇا هاڻ مخالف ڊڪٽيٽر جي دور ۾ بڻايل قانون واپس آڻڻ چاهيون ٿا؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *