25 جولاءِ تي عوام جو ووٽ چوري ۽ اظهار جي آزادي تي ڌاڙو هنيو ويو: (مريم)، عوام عمران خان جي قيادت ۾ مافيا کي شڪست ڏني: فواد چوڌري

اسلام آباد/لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 25 جولاءِ تي عوام جو ووٽ چوري ٿيو تنهن ڪري عوام اڄ سليڪٽڊ حڪومت خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندو. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عوام اڄ سليڪٽڊ حڪومت خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندو. هن چيو ته 25 جولاءِ تي عوام جو ووٽ چوري ٿيو ۽ اظهار جي آزادي تي ڌاڙو هنيو ويو تنهن ڪري اڄ پشاور، ڪوئٽا، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڀرپور نموني احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويندو.  سندس چوڻ هو ته عمران خان صاحب سموري قوم توهان جي ڪوڙ، نالائقي ۽ ناالي جي شاهدي ڏيندي، جڏهن ته بي حس سليڪٽڊ حڪومت اڄ ملڪ ۾ ماني، ڪاروبار، صنعت ۽ روزگار بند ٿيڻ تي شڪراڻي جو ڏينهن ملهائيندي.  مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب اڄ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائي 3 سيڪڙو هئڻ خلاف احتجاج جو ڏينهن آهي، اڄ ملڪ کي آءِ ايم ايف ۾ گروي رکڻ، قيمتن ۾ 200 سيڪڙو ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي خلاف احتجاج جو ڏينهن آهي، عمران صاحب اظهار جي آزادي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 120 ڏينهن ڌرڻا هڻندڙ، چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش ڪندڙ اڄ هر مخالف جو آواز بند ڪري رهيا آهن، سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪندڙ ۽ گئس ۽ بجلي جا بل ساڙيندڙ اڄ پرامن احتجاج کان ڊڄي رهيا آهن. ٻئي طرف  سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ عوام 25 جولاءِ تي مافيا کي تاريخي شڪست ڏني،  جمهوريت ڪامياب ٿي ۽ هڪ نئون سفر شروع ٿيو، سفر ۾ سڀني کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي. ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ عوام 25 جولاءِ تي مافيا کي تاريخي شڪست ڏني، پاڪستان ۾ جمهوريت ڪامياب ٿي ۽ هڪ نئون سفر شروع ٿيو، اهو سفر ڏکيو آهي، رستو ڪنڊن سان ڀريل ۽ پٿريلو آهي پر منزل ترقي ڪندڙ پاڪستان آهي، اهڙي سفر ۾ اسان سڀني کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *