پاڪستان افغان امن عمل ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي: شهريار آفريدي

ڪابل (اين اين آءِ) وفاقي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي وزراعظم عمران خان جو ڪامياب ۽ تاريخي آمريڪا جو دورو افغان امن عمل جو بنياد بڻجندو پرامن ۽ ترقي جي رستي تي هلندڙ افغانستان پاڪستان ۾ امن ۾ مددگار ثابت ٿيندو خميس تي شهريارخان آفريدي جو افغانستان جي تاريخي ماٿري پنج شير پهچڻ تي ڊاڪٽر فيروزالدين فيروز ۽ ڊپٽي گورنر صادقي شهريارخان آفريدي جو استقبال ڪيو شهريارخان آفريدي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِماٿري پنج شير جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزير آهي شهريارخان آفريدي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي مزار تي حاضر ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا ڪئي هن مهمان جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. شهريار آفريدي چيو ته سمورا افغان سياسي اڳواڻ ۽ سياسي ٽولا پاڪستان لاءِ برابر آهن هن چيو ته پاڪستان افغان امن عمل جو سڀ کان وڏو پاٽنر آهي افغان عوام افغانستان جي مستقبل جو فيصلو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *