ڪي اين شاهه ڀرسان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن جي فائرنگ، عورت قتل

خيرپور ناٿن شاھ (رپورٽر) ڪي اين شاهه ڀرسان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن جي فائرنگ، عورت قتل، ڳوٺ پيڄاهو ۾ نامعلوم چور سڪندر پنهور جي گهر ۾ چوري جي ايرادي سان گهڙيا ته گهرڀاتي جاڳي پيا، گهرڀاتين جي جاڳڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 40 ورهين جي مسمات گلستان پنهور گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي وئي. گوزو ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب قتل ٿيل عورت جي وارثن جو چوڻ آھي ته رات دير سان چور چوري ڪرڻ جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيا ته هنن جي عورت جاڳي پئي، رڙيون ڪرڻ تي چورن مسمات گلستان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ڪيس داخل ناهي ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *