25ڊسمبر 2007تي بينظير ڀٽو کي مشرف جي ڌمڪين واري ڪال آئي هئي: مارڪ سيگل

راولپنڊي(بيورو)  بينظير قتل ڪيس جي اهم شاهد ۽ محترما بينظير ڀٽو جي دوست صحافي مارڪ سيگل بيان رڪارڊ ڪرائيندي لڙڪ روڪي نه سگهيو.هن انڪشاف ڪيو ته پرويز مشرف جي ڌمڪين واري ڪال کانپوءِ محترما بنيظير ڀٽو کيس اي ميل ڪئي ته جيڪڏهن کيس قتل ڪيو ويو ته ان جو ذميوار پرويز مشرف هوندو. وڊيو لنڪ جي ذريعي ريڪارڊ ڪرايل بيان ۾ مارڪ سيگل ڄاڻايو ته محترما

بنظير ڀٽو کي مشرف جي ڪال اچڻ تي هوءَ پريشان هئي،فون جي اسڪرين تي مشرف لکيل هو ۽ محترما کيس اها ڪال ڏيکاري هئي. امريڪي صحافي مارڪ سيگل عدالت کي ٻڌايو ته هو 1984کان بينظير ڀٽو کي سڃاڻيندو هو. مارڪ سيگل چيو ته بينظير ڀٽو کيس ٻڌايو ته کيس هاڻ به مشرف پاران پريشان ڪندڙ ڪال آئي آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو ڪال ٻڌڻ بعد ڪافي پريشان نظر آئي. هن چيو ته ڪال بينظير ڀٽو جي پاڪستان اچڻ کان 3هفتا پهريان ڪئي وئي. هن چيو ته بينظير ڀٽو اها ڪال آمريڪي سينيٽر ٽام لينٽوز جي آفيس ۾ اٽينڊ ڪئي هئي. مارڪ سيگل چيو ته 25ڊسمبر 2007تي بينظير ڀٽو کي مشرف جي ڌمڪين واري ڪال آئي هئي. مشرف بينظير کي چيو، ته پاڪستان آئي ته سياسي سرگرمين جي ذميوار هوءَ پاڻ هوندي. امريڪي صحافي چيو ته فون جي اسڪرين تي مشرف لکيل هو، جيڪو بينظير مونکي ڏيکاريو. هن چيو ته بينظير ڀٽو اي ميل ڪئي ته مونکي قتل ڪيو ويو ته ذميوار مشرف هوندو. مارڪ سيگل چيو ته مشرف، بينظير ڀٽو کي ٻڌايو هو ته هن جي جان کي خطرو آهي. بيان ريڪارڊ ڪرائڻ وقت راولپنڊي جي ڪمشنر جي آفيس ۾ پرويز مشرف جو وڪيل الياس صديقي ،پ پ اڳواڻ سردار لطيف کوسا ۽ وڪيل نصير تنولي به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *