پاڪستان ۾ صحيح ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ غلط ڪم ڪرڻ آسان آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو)  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان عالمي اين جي اوز بابت حڪومتي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رجسٽريشن رڳو آن لائين سسٽم مطابق ٿيندي، عالمي اين جي اوز کي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي ۽ غيرقانوني قدم کڻڻ جي صورت ۾ رجسٽريشن پاڻمرادو رد ٿيويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير عالمي اين جي اوز بابت حڪومتي پاليسي جاري ڪئي. هن ٻڌايو ته نئين پاليسي هيٺ مينيول رجسٽريشن ختم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي رجسٽريشن جو اختيار رڳو وفاقي گهرو وزارت وٽ هوندو. هن چيو ته سموريون درخواستون آن لائين ورتيون وينديون ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ملڻ کانپوءِ اين جي اوز کي پاڪستان حڪومت کان 3 سالن تائين ايم او يو تي صحيح ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اين جي اوز جي نگراني لاءِ خاص ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير ٻڌايو ته نئين پاليسي مطابق عالمي اين جي اوز حڪومت کان اجازت وٺڻ بنا پرڏيهه مان فنڊ گڏ ڪري نه سگهنديون ۽ ٻاهران ايندڙ اين جي اوز جي ڪارڪنن جي ويزا به تبديل نه ٿيندي. نئين پاليسي مطابق عالمي اين جي اوز حڪومت جي اجازت کانسواءِ مقامي اين جي اوز جي مدد به نه ڪري سگهندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني مفادن خلاف ڪو به قدم ثابت ٿيڻ تي اين جي اوز جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي. چوڌري نثار ٻڌايو ته نئين پاليسي جو مقصد ڪنهن تي پابندي مڙهڻ ناهي، حڪومت سٺو ڪندڙن کي سهولتون به ڏيندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو سڄو ٺانٺو ڦٽائڻ آهي، هتي صحيح ڪم ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ غلط ڪم ڪرڻ سولو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي قانونن ۾ اين جي اوز جو ڪردار مقرر ڪيو آهي پر اسان وٽ انهن کي کليل ڇوٽ مليل آهي. وڏين وڏين پرڏيهي اين جي اوز جي رجسٽريشن ناهي ٿي، هاءِ سيڪيورٽي وارن علائقن ۾ به اين جي اوز ڪم ڪن ٿيون، اسان انٽيلينجس جي بنياد تي ڪجهه اين جي اوز کي بند ڪرايو آهي. هن چيو ته هٿيارن جا لائسنس هجن يا بُلٽ پروف گاڏين جو معاملو هجي هر شئي ۾ گند لڳو پيو آهي، پاڪستان کي اڳتي وٺي وچڻو آهي ته اسان کي قومي مفاد ڏسڻا پوندا. چوڌري نثار علي خان چيو ته پاليسي جوڙڻ سان معاملن ۾ سئو سيڪڙو بهتري نٿي اچي سگهي. ان ڪري مڪمل مانيٽرنگ به ڪئي ويندي. هن چيو ته سموريون اين جي اوز ايندڙ 60 ڏينهن ۾ درخواستون ڏئي سگهن ٿيون ۽ ان دوران اهي ڪم به جاري رکي سگهن ٿيون. 60 ڏينهن کانپوءِ پاڪستان حڪومت ۽ گهرو وزارت قطعي فيصلو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته حڪومت بهتر ڪم ڪري رهي آهي، اسان ئي ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ۽ قومي ايڪشن پلان به اسان ئي ڏنو. هن چيو ته ماڻهو 30، 30 سالن کان اي سي ايل ۾ شامل هئا پر اسان نئين اي سي ايل پاليسي جوڙي آهي، جڏهن ته هٿيارن جي لائسنس ۽ سيڪيورٽي ايجنسين بابت پاليسي آندي پئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان سان ڀائري وارا لاڳاپا هجن پر افغانستان طرفان ڪنهن ٻئي ملڪ جي ٻولي ڳالهائڻ اسان لاءِ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ ڪير ڇڪ به ڏئي ٿو ته الزام اسان تي مڙهيو وڃي ٿو، چوڌري نثار چيو ته ريڊ زون ۾ تماشو ڪرڻ قوم جي مفاد ۾ ناهي، اهو قطعي فيصلو آهي ته ريڊ زون ۾ ڪو به تماشو نه ٿيندو، جڏهن ته ڊي چوڪ ۾ نئين جلسي ۾ اتي جلسي جي اجازت ئي نه هوندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ڪنهن به اداري وٽ احتساب جو اختيار ناهي. رينجرز پنجاب جي هجي يا سنڌ جي سڀ گهرو وزارت جي هيٺيان آهن. جڏهن ته آمراڻي دور ۾ نيب جو سڄو ڌيان مسلم ليگ (ن) تي هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *