وزير اعظم جون امن تجويزون ۽ ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي

اِها حقيقت آهي ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ٽئين دؤر جي مُهڙين ڏينهن کان ڀارت سان ناتا بهتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل رهيو آهي. ڀارتي وزيراعظم جي حلف برداريءَ واري تقريب ۾ شرڪت جو سبب به اِهو ئي هو ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي گهٽائي سگهجي. ايترو ئي نه پر هر عالمي فورم تي وزيراعظم نواز شريف ٻه قدم اڳتي وڌي موديءَ ڏانهن ڀائيچاري جو هٿ وڌائيندو رهيو آهي، پر موٽ ۾ ڀارت هٺ ڌرميءَ جو مظاهرو ڪندي سدائين هٿ کنؤس جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ هٿ کنؤس جو سبب پورو عالم ڄاڻي ٿو ته پاڪ- چين اقتصادي راهداري ڀارت جي اک ۾ ڪنڊي جيان چُڀي رهي آهي ۽ هُو هر ممڪن ڪوشش ڪندي انهيءَ منصوبي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. ڊگهي وقت کان ورڪنگ بائونڊريءَ تي جنگ بنديءَ جي ڀڃڪڙين جو ڪارڻ پڻ اِهو ئي آهي. اُن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان هر معاملي کي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪيو آهي، باوجود ان جي ته پاڪستاني فورسز ڀارتي اڳرائين جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ٿيون. ڇو ته ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن جي حق ۾ ڪنهن به ريت بهتر ناهي. خاص طور ڀارت جهڙي ملڪ کي اِها ڇڪتاڻ ڪنهن به ريت نه ٿي جڳائي جو هڪ ته هو گهڻ سماجي ملڪ آهي، ٻيو جنهن شرح سان اُتي غربت وڌي رهي آهي، تنهن صورت ۾ جنگي جنون يا هٿيارن جو شوق پالڻ ڀارت جي حق ۾ بهتر نه چئبو، پر نه ڄاڻ الائي ڇو اهڙي ادراڪ کان ڀارتي قيادت وانجهيل آهي. دنيا اندر وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارت جيڪي ڪشميرين سان ڪلور ڪيا آهن، سي هاڻ ڪنهن کان به ڳجها ناهن، تنهن ڪري ڀارت کي هاڻ اِن خوشفهميءَ ۾ نه رهڻ گهرجي ته هُن جو طلسم وڌيڪ وقت تائين برقرار رهي سگهندو. ٻيو ته خطي جي صورتحال پنجهٺ ۽ ايڪهتر واري ناهي، جو ڀارت کي پنهنجون من مستيون ڦٻي وڃن. جيڪڏهن پاڪستان چاهي ته ڀارت جي اڳرائين جو هُن کان ست ڀيرا وڌيڪ جواب به ڏئي سگهي ٿو، پر اِهو ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، جنهن سبب ئي پاڪستان سهپ ۽ صبر جو دامن جهلي رکيو آهي. ڇو ته پاڪستان پنهنجي طويل مشاهدي مان ڄاڻي ورتو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ ملڪ توڙي سماج لاءِ ترقيءَ ۾ رُڪاوٽ ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪري ٿي، جنهن سبب اُن جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ناتا بهتر بڻايا وڃن، جنهن جو عملي ثبوت، وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل تجويزون آهن، جنهن ذريعي امن جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. اسين وزيراعظم جي انهن تجويزن جي تائيد ڪندي اُن کي انتهائي وقتائتو فيصلو سمجهون ٿا. انهن تجويزن کي آڏو رکندي خود دنيا کي به ويچارڻ گهرجي ته پاڪستان نه رُڳو ڏکڻ ايشيا پر پوري عالم ۾ امن جو خواهشمند آهي، ايترو ئي نه پر موجوده وقت ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف جنگ ۾ اول دستي طور وڙهي رهيو آهي. انهيءَ ويڙهه ۾ نه رُڳو فورسز پر مُلڪ جي عام ماڻهن جون بي پناهه قربانيون شامل آهن، جن جو هڪڙو ئي مقصد آهي ته ڪيئن به ڪري هن خطي ۾ امن جي فضا قائم ڪئي وڃي. اهڙي صورت ۾ هڪ سٺي پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ ڀارت کي پڻ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اُهو هيستائين صورتحال کي بگاڙڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب امن جون ڪوششون متاثر ٿي رهيون آهن. اسين سمجهون ٿا، وزيراعظم امن تجويزون پيش ڪري بال ڀارت جي ڪورٽ ۾ اڇلايو آهي، ڏسجي ته ڀارت اُن جو ڪو مثبت جواب ڏئي امن جي حق ۾ فيصلو ڪري ٿو يا هُو خطي کي تباهي ۽ برباديءَ طرف وٺي وڃڻ جي راهه چونڊي ٿو!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *