22 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪشمير مارچ حڪمرانن جا ستل ضمير جاڳائيندو: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي حڪمرانن جي غير سنجينده رويي تي قوم پريشان آهي، معمولي مسئلن تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي ٿو پر ڪشمير جو مسئلو جيڪو پاڪستان لاءِ زندگي ۽ موت جو مئسلو آهي ان کي لڳاتار نظرانداز ڪيو وڃي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي سنجيندگي سان هڪ حڪمت جوڙڻ جي ضرورت آهي، حڪومت جلد کان جلد سينيٽ ۽ قوامي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس سڏائي ۽ قومي قيادت جي صلاح مشوري کانپوءِ روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي، 22 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪشمير مارچ حڪمرانن جا ستل ضمير جاڳائيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪشمير جي آزادي جي مسئلي تي قوم گڏ آهي ۽ حڪمرانن کان گهر ڪري رهي آهي ته هي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ بنا دير قدم کنيا وڃن ۽ ڪشميرين کي ڀارت جي ظلم کان بچايو وڃي پر حڪمرانن رڳو خالي واعدا ڪري رهيا آهن، ڀارت 5 آگسٽ جي قدم سان اڍائي سئو سالن کان دنيا جي نقشي تي موجود ڪشمير جو نالو ختم ڪري ان کي ڀارتي رياست قرار ڏئي ڇڏيو پر اسان جا حڪمران خاموش ويٺا آهن، هن چيو ته 22 ڊسمبر تي سڄي ملڪ مان لکين ماڻهو اسلام آباد پهچندا ۽ سنگ مرمر جي قبرستان ۾ ويٺل حڪمرانن جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *