اداڪاري جي باوجود شادي جي لاءِ ساهورن جي شرط تي نوڪري ڪرڻي پئي: نعمان اعجاز

 

ڪراچي(شوبز نيوز)  مشهور اداڪار نعمان اعجاز چيو آهي ته اداڪاري جي باوجود شادي جي لاءِ ساهورن جي شرطن تي نوڪري ڪرڻي پئي.اداڪاره ثمينه پيرزاده کي ڏنل انٽرويو ۾ نعمان اعجاز چيو آهي ته مون کي ساهورن کي مڃرائڻ لاءِ ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اهو الميو  به چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو هڪ اداڪار سان هٿ ملائڻ ۽ ان سان گڏ ماني کائڻ تي ته فخر ڪندا آهن پر ان سان رشتيداري ڪافي مشڪل مرحلن مان گذري پوءِ قبول ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ماڻهو سوچين ٿا ته ڇوڪرو اداڪار آهي پر ڪري ڇا ٿو.نعمان اعجاز چيو ته ماڻهو اداڪاري کي هڪ پيشي جي طور تي نٿا مڃين. شادي جي لاءِ مون کي نوڪري به ڳولڻي پئي. ڇو ته منهنجي ساهورن شرط رکي هئي ته جيستائين ڪابه نوڪري يا ڪم نه ڪندي تنهنجي شادي نه ٿيندي. نعمان اعجاز ٻڌايو ته مان نوڪري ان وقت ڳولي رهيو هئس جڏهن دشت جي نالي سان ڊرامو ڪافي ڪامياب ٿيو هو.ماڻهو مون کي سڃاڻيندا هئا ۽ مان ٿري سوٽ پائي انهن کان نوڪري گهري رهيو هئس. هن چيو ته آئون جن ماڻهن کي نوڪري لاءِ چوندو هئس اهي نوڪري جون ڳالهيون ڇڏي مون کان پنهنجي ٻارن جي لاءِ آٽو گراف گهرندا هئا ۽ چوندا هئا ته اوهان ته سپر اسٽار آهيو اوهان کي نوڪري جي ڪهڙي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *