عمران صاحب عوام جو توهان لاءِ پيغام آهي ته هاڻ توهان گهٻرائڻ شروع ڪيو: مريم اورنگزيب

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب عوام جو توهان لاءِ پيغام آهي ته هاڻ توهان گهٻرائڻ شروع ڪريو، توهان جي نالائقي سان هڪ  سال ۾ پاڪستان جي معيشت کي گهٽ ۾ گهٽ 26 ارب ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته توهان جي ڪوڙ، نالائقي ثابت ٿي چڪي آهي، توهان آءِ ايم ايف وڃي نه رهيا آهيو پر وڃي چڪا آهيو، هن چيو ته هڪ سال ۾ تاريخي 11 هزار ارب قرض وٺڻو نه پر وٺي چڪا آهيو، بصر، ٽماٽر، داليون، اٽو مهانگو ٿي چڪو آهي، توهان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻو هيون پر 25 لک نوڪريون کسي چڪا آهيو، توهان کي 50 لک نوان گهر ڏيڻا هئا پر ان ابتڙ لکين گهر عوام کان کسي چڪا آهيو، گيس 2 سئو سيڪڙو ۽ بجلي سئو سيڪڙو مهانگي نه پئي ٿئي پر ٿي چڪي آهي، گيس، بجلي ۽ دوائن جو بلن ۾ ڌاڙو لڳي چڪو آهي، عمران صاحب اسپتالن ۾ مفت دوائون بند ٿي چڪيون آهن، ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو مان 2.5 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح 3 کان 14 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *