17 سيڪڙو جي ايس ٽي نه لڳندو، مني بجيٽ سان عوام مٿان صرف 2 ارب روپين جو اضافي بار پوندو: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مني بجيٽ سان عوام مٿان صرف ٻن ارب روپين جو اضافي بار پوندو.  پارلياماني اجلاس کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين ٻڌايو آهي ته بجيٽ 350 ارب روپين جو نه پر 72 ارب روپين جو گڏيل بجيٽ آهي.  مني بجيٽ سان عوام مٿان وڌيڪ صرف 2 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. عام ماڻهو تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي نه لڳندو.  وفاقي گهرو وزير چيو ته سمورا اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ اتحادي هونئن به هميشه گڏ ئي هوندا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *