ڊيلٽا ۽ اومي ڪرون ويرينٽ گڏجي عالمي وبا جي خطرناڪ سونامي کي جنم ڏئي رهيا آهن. : ڊبليو ايڇ او جو ڇرڪائيندڙ بيان

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم چيو آهي ته ڪورونا جو ڊيلٽا ۽ اومي ڪرون ويرينٽ گڏجي عالمي وبا جي خطرناڪ سونامي کي جنم ڏئي رهيا آهن. مختلف ملڪن ۾ ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ڊبليو ايڇ او سربراهه چيو ته ڪورونا جي ڊيلٽا ۽ اومي ڪرون ويرنيٽ جا ڪيس هيلٿ ورڪرز تي بار وڌائي رهيا آهن، ٻئي ويرينٽ گڏجي ڪورونا ڪيسن جي خطرناڪ سونامي جي جنم ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته امير ملڪن ۾ ڪورونا بوسٽر مهم ان وبا جي وڌيڪ پکيڙ جو سبب بڻجي رهي آهي، ڇو ته غريب ملڪ ڪورونا ويڪسين جي شروعاتي خوراڪن کان محروم آهن. سندس چوڻ هو ته تقريبن 100 ملڪ اڃا تائين 40 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن جو هدف پورو ناهن ڪري سگهيا، امير ملڪن ۾ بوسٽر مهم سان عالمي وبا جو دورانيو وڌيڪ سگهي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *