پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) جو هدف 600 ارب رپين مان وڌائي 356 ارب رپيا ڪيا ويندا : مني بجيٽ بل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ضمني مالياتي بل 2021 جي صورت ۾ مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل موجب 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، ٽيڪس وصولين جا هدف 271 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپين تائين ڪيا ويندا. پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) جو هدف 600 ارب رپين مان وڌائي 356 ارب رپيا ڪيا ويندا پر حڪومت کي اهي هدف به پورا ڪرڻ لاءِ ليوي وڌائي ان کي 30 رپيا في ليٽر تائين ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ هر مهيني 4 رپيا في ليٽر جي حساب سان پي ڊي ايل وڌائي ويندي. بل ۾ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌائڻ يا ڪم ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ جي تجويز آهي. ان کانسواءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻي پوندي، ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي.  جن شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ وڌيڪ آهي، انهن تي سيلز ٽيڪس ريٽ 17 سيڪڙو لاڳو هوندو، ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شيڊيول 5، 6، 7، 8 ۽ 9 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. موبائل فون، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، برآمدن کانسواءِ زيرو ريٽنگ مان به سيلز ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. 800 سي سي وڏين گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ لگزري گاڏين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ترميمي بل جو حصو آهي. ذريعن موجب درآمد خوراڪ تي ڊيوٽي وڌائڻ يا ان تي پابندي جي تجويز شامل آهي، ڪاسميٽڪس جي سامان تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز به ترميمي فنانس بل جو حصو آهي، ان کانسواءِ دٻن ۾ پيڪ کاڌي پيتي جي شين جي درآمد تي پابندي جي تجويز ترميمي بل جو حصو آهي. موبائل فونز تي سيلز ٽيڪس جي ريايت ختم ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي ڊرامن جي درآمد تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي. ضمني مالياتي بل ۾ اڪانامي کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ قدم تجويز ڪيا ويا آهن، سرڪاري عهدو رکندڙن جا ٽيڪس تفصيل پبلڪ ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي، گڏوگڏ ريئل اسٽيٽ جي شعبي کي ڏنل رعايت جاري رکڻ جي تجويز آهي ۽ خاص سيڪيورٽي ادارن لاءِ 50 ارب رپين جي گرانٽس ختم ڪئي پئي و ڃي. ترميمي فنانس بل ۾ ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس قانونن ۾ ترميمون ڪري ايف بي آر ڪليڪٽر جا اختيار گهٽ ڪيا پيا وڃن. بل ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي جاچ ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪري 5 سال ڪري سگهبو، کيس وڌيڪ 5 سال واڌ ڏيڻ جي شق به بل جو حصو آهي، جڏهن ته پاليسي ۽ ڪوآرڊينيشن بورڊ کي ٽوڙي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *