16 آڪٽوبر تي شهداءِ ڪارساز جي ياد ۾ نڪرندڙ ريلي تاريخي هوندي: مولابخش چانديو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌسماءُ واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ڪجهه پارٽيون دهشتگردن جي ڇانو ۾ ريليون ڪڍنديون آهن ۽ اسان کي ريلي ڪڍڻ ۾ ڌمڪيون ملنديون آهن پيپلزپارٽِ پاران 16 آڪٽوبر تي شهداء ڪارساز جي ياد ۾ نڪرندڙ ريلي تاريخي هوندي پاڪستان جو ڪوبه اهڙو علائقو نه آهي جتي پيپلزپارٽي موجود نه هجي ميان صاحب کي ملڪ جو مخصوص حصو پاڪستان نظر اچي ٿو ان جو وس هلي ته سڀڪجهه لاهور کڻي وڃي. هن خميس تي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 آڪٽوبر تي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهداء ڪارساز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ بلاول چورنگي کان ڪارساز تائين تاريخ ساز ريلي ڪڍي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته ريلي جا اهڙا انتظام ڪيا وڃن جنهن سان عوام کي ڏکيائيون پيش نه اچن ان حوالي سان ماڻهن کي متبادل رستن کان به آگاهه ڪيو ويندو هن چيو ته سيڪيورٽي خدشا موجود آهن بلاول ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فرزند آهي جڏهن وڏا وڏا ويندڙ لڪي ويا هئا ان وقت بينظير ڀٽو روڊن ۽ رستن تي هئي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ماڻهن ۾ رهڻ ۽ انهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان جو 30 آڪٽوبر جو احتجاج هوندو عمران خان جي احتجاج ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو ايندا ان جي احتجاج ۾ ماڻهو ڏينهن ۾ پارڪن ۽ رات جو گهرن ۾ آرام ڪندا. هن چيو ته نوازشريف جو جانشين اهو هوندو جيڪو نوازشريف جي ڳالهه ڪري ٿو هن چيو ته طاهرالقادري به عمران خان جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *