16 آڪٽوبر تي سلام شهداءِ ريلي ڪڍڻ جو اعلان، ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ اي سي ايل به هوندي آهي؟: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز واقعي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي ساٿين سان گڏ 16 آڪٽوبر جي صبح جو بلاول هائوس مان سلام شهداء ريلي ڪڍي ڪارساز ويندو پيپلزپارٽي ميڊيا سيل مان جاري هڪ وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته محرم اسان کي امام حسين ۽ ان جي ساٿين جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو شهداء ڪربلا جا حوصلا ۽ جدوجهد ڏيڻ جي تاريخ جو بيمثال باب آهي هن چيو ته جتي جتي ظلم ٿيندو اتي اتي ڪربلا هوندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سياسي جدوجهد ظلم خلاف ۽ جمهوريت جي حق ۾ آهي هن چيو ته 18 آڪٽوبر 2007 دنيا جي تاريخ جو بدترين واقعو آهي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ هو 16 آڪٽوبر جي صبح بلاول هائوس مان سلام شهداء ريلي ڪڍي ڪارساز ويندو هن کي اميد آهي ته عوام ان کي ان ۾ ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندو. ٻئي طرف  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊان ٽي وي جي صحافي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ اي سي ايل به هوندي آهي؟. پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڇڏيل پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اي سي ايل ڇو آهي؟ هن چيو ته ڇا مان هڪ فضول سوال ڪري ساگھان ٿو ته اي سي ايل ڇو آهي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *