وزيرا عظم کي احتساب لاءِ مجبور ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمران چاهين ٿا ته پاناما ليڪس معاملو دفن ٿي وڃي. پر وزير اعظم کي احتساب لاءِ مجبور ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته عوام حڪمرانن جي احتساب لاءِ روڊن تي نڪرندو ۽ وزير اعظم کي احتساب لاءِ مجبور ٿيڻو ئي پوندو. هن چيو ته اسلام آباد وارو ڌرڻو تاريخي هوندو، ان دوران ملڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آواز اٿارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *