عمران خان کان وڌيڪ وزير اعظم جو ڪير به خير خواهه ناهي، پاڻي ورڇ ۾ سمورن صوبن کي گهربل حصو ملڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جو عمران خان کان خيرخواهه ڪوبه نه آهي هو پنهنجي غلط پاليسين سان حڪومت جي مضبوطي جو سبب بڻجي رهيو آهي اپوزيشن حڪومت کي پرڏيهي وزير نه هئڻ جي حوالي سان ايترو دٻاءُ وڌو آهي ته هاڻي اميد آهي ته ايندڙ مهيني پرڏيهي وزير مقرر ٿي ويندو خميس تي سکر ۾پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان هر مهيني ڪوئي نه ڪوئي جلسو يا ڌرڻو ڪندو آهي ۽ هو فيل ٿي ويندو آهي نتيجو اهو نڪرندو آهي ته نوازشريف پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو آهي ان لاءِ اسان سمجهڻ تي مجبور آهيون ته نوازشريف جو سڀ کان وڏو همدردر ۽ خيرخواهه عمران خان آهي. هو پنهنجي غلط پاليسين سان حڪومت جي مضبوطي جو سبب بڻجي رهيوآهي هن چيو ته ڪنهن شهر کي بند ڪرڻ مسئلو نه آهي ڇو ته 500 ماڻهو رستي تي اچي ٽائرن کي باهيون ڏين ته روڊ بند ٿي ويندو آهي احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر اسان ان غير جمهوري قدمن جي حمايت نه ڪنداسين جڏهن اليڪشن ايندو آهي ته ان کان پوءِ سيپٽمبر، آڪٽوبر يا ڊسمبر سميت هر مهيني حڪومت وڃڻ جا چوٻول ٿيندا آهن پر هاڻي پاڪستان ۾ سياستدان سمجهه وارا ٿيندا وڃن پيا هن چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي وزير نه آهي پر ان جي لاءِ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي سگهجي ٿي ڇو ته اهڙي قرارداد مذاق بڻجي ويندي خورشيد شاهه چيو ته انگريزي اخبار جي خبر تي ڪنهن به اجلاس اندر جون ڳالهيون ٻاهر ڪڍڻ افسوسناڪ آهي ڪجهه حڪومتي معاملا ڪيترن ئي سالن تائين ٻاهر نه ايندا آهن جيئن حمود الرحمان ڪميسن جي رپورٽ هئي ان معاملي کي ڏسڻو پوندو ته هي ڳالهه خبر جي ته ان معاملي تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته هو ووٽن جي لسٽ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري. ٻئي طرف  مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڻي ورڇ ۾ سمورن صوبن کي گهربل حصو ملڻ گهرجي. خورشيد شاهه سکر بئراج جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سکر بئراج جو معاملو اٿارڻ تي ميڊيا جو ٿورائتو آهيان، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، پاڻي ورڇ منصفاڻي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 3 وٽ پاڻي جو دٻاءُ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *