گڏيل قومن ۾ وزير اعظم سڄي قوم جي جذبن جي ترجماني ڪئي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته جنرل اسيمبلي ۾ هڪ زبردست تقرير کانپوءِ وزيراعظم خاموشي سان ويهجي ويو آهي ڪشميرين کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ جن عملي قدمن جي ضرورت هئي اهي نه ڪيا ويا ڪشمير بابت وزيراعظم جي تقرير بيشڪ قومي امنگن جي ترجمان هئي جنهن جي سڀني ساراهه ڪئي آهي پر هن پنهنجي خطاب ۾ بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت، ڪل ڀوشن سميت را جو نيٽ ورڪ، بنگلاديش ۾ 1974 جي ٽه ڌرئي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي بنگلاديشي حڪومت پاران محب پاڪستان ماڻهن کي ڦاهيون ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رهائي وارو معاملو گڏيل قومن ۾ نه کڻي قوم کي مايوس ڪيو آهي اوباما جي تقرير ۾ ڪشمير ۽ بنگلاديش ۾ بيگناهه ماڻهن کي ڏني ويندڙ ڦاهين جو ذڪر نه هجڻ اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي ڀارت خلاف پوري قوم ۽ فوج هڪ پچ تي آهي ڀارت جنگ شروع ڪرڻ جي غلطي ڪئي ته پنهنجو وجود وڃائي ويهندو ۽ ڀارت ۾ ڪيترائي نوان پاڪستان ٺهندا جماعت اسلامي 30 سيپٽمبر تي فيصل آباد ۾ ڪرپشن جي خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مرڪزي مجلس شورا جي اجلاس جي پڄاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *