اعتزاز احسن ۽ ڪائرا سٺا ماڻهو آهن پر سندن وس نه پيو هلي: شيخ رشيد

ڪراچي (م.ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مسلم ليگ ق اسان جي ڌرڻي ۾ ضرور شامل ٿيندي، اي اين پي ۽ فضل الرحمان حڪومت جي ترجماني ڪري رهيا آهن، خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام سان ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداريءَ جيڪي 6 مطالبا موڪليا اهي قبول ڪرڻ لائق نه آهن، اعتزاز احسن ۽ ڪائرا سٺا ماڻهو آهن پر سندن وس نه پيو هلي، شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀُٽو زرداري جي لاءِ بهتر ٿيندو ته هو ناني ۽ ماءُ جي سياست کي فالو ڪري، وزيراعظم بي فڪر ٿي لنڊن ۾ آرام فرمائي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته ملڪ جون حالتون جيڪڏهن خوفناڪ ۽ خطرناڪ آهن ته وزيراعظم واپس اچي قوم کي ٻڌائي، شيخ رشيد چيو ته اسان جاتي امرا کي ايئن سمجھيو آهي جيئن اتي ڪنهن بزرگ جي مزار هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *