ڪراچي سياست جو اهم مرڪز آهي، متحده دهشتگردن ۽ باني کان الڳ آهي: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سمورن ڪامياب ملڪن ۾ احتساب مٿان کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ته پاڪستان ۾ وزيراعظم ادارن کي ڪرپشن سان تباهه ڪري مال ميڙي ٿو جڏهن پنهنجي سياسي جماعت ٺاهي ته سڀ کان پهريان پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا رياستي ادارن کان انصاف نه ملڻ تي اسان کي صرف هاڻي احتجاج جو رستو آهي پاناما ليڪس ادارا ٺيڪ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو آهي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جڏهن پنهنجي سياسي جماعت ٺاهي ته سڀ کان اڳ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا ڇو ته سمورين ڪامياب رياستن ۾ احتساب هميشه مٿان کان شروع ٿئي ٿو پر هتي وزيراعظم ادارن کي ڪرپشن سان تباهه ڪري مال گڏ ڪري ٿو هن چي ته رياستي ادارا انصاف فراهم ڪرڻ بدران سندس پٺڀرائي ڪري رهيا آهن هن چيو ته رياستي ادارا انصاف نه ڏيندا ته اسان وٽ صرف احتجاج جو رستو ئي موجود هوندو آهي هن بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان ۾ نئون دور آڻڻ جو موقعو اچي ويو آهي هن چيو ته پاناما ليڪس ادارا ٺيڪ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي هن چيو ته ڪراچي سياست جو مرڪز آهي ۽ ان ۾ پڙهيل لکيل ماڻحن جو انگ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي جڏهن کان ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي قائد کان الڳ ٿي آهي ان وقت کان ڪراچي جي حالت ۽ سياست مختلف ٿي وئي آهي هاڻِي ايم يڪو ايم پننجي باني ۽ دهشتگردي کان پري ٿي وئي آحي ڪراچي مان دهشتگردي واري سياست کي ختم ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *