گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح 7 لک 37 هزار تائين آهي: سهيل سيال

ڪنڌڪوٽ(ڊر)سنڌ جي گهرووزيرسهيل انورسيال مختلف بندن جودوروڪرڻ بعد گاڏين جي قافلي سان بيراج تي پھتو جتي گڊو بيراج جي چيف انجينئر ارشاد ميمڻ پاڻي جي وھڪرن ۽ ٻوڏ جي موجوده صورتحال بابت بريفنگ ڏني ميڊيا سان مختصر ڳالھ ٻولھ ڪندي سنڌ جي گهرووزيرسهيل انورسيال چيو ته گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح 7 لک 37 هزار تائين آهي اسين آبپاشي کاتي جي عملي جي ڪم کان مطمئن آهيون آبپاشي کاتي وارن سال 2010ع واري ٻوڏ کي نظر۾رکندي پنهنجي تياري پوري ڪري ڇڏي آهي پاڻي آساني سان لنگهي ويندوهن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور واهر ڪئي ويندي ان موقعي تي ايم اين اي ميراحسان الرحمان مزاري ،اڳوڻي ايم اين گل محمد جکراڻي، ميرسهراب مري ڊي آئي جي لاڙڪاڻه ڊاڪٽرسائين رکيوميراڻي ايس ايس پي عمرطفيل پڻ موجودهئاهن وڌيڪ چيوته منهنجي کاتي پاران ٻوڏمتاثرعلائقن جي حفاظت لاءِسخت اپاءُورتاآهن . هڪ ارب روپين جي لاڳت سان اولڊ ٽوڙي بند جي مضبوطي لاءِ ڪم جاري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *