سنڌوءَ ۾ مسلسل چاڙهه، 100 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا

هنڱورجا(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ مسلسل چاڙهه سبب تعلقي صوڀوديرو جا هڪ سئو کان وڌيڪ ڪچي ۾ آباد ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، ڳوٺاڻن کي ڪروڙين روپين جو نقصان، هزارين ڳوٺاڻا ريسڪيو نه ٿيڻ جي ڪري ڪچي جي اندر پاڻي ۾ ڦاٿل سوين جانور پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا. سڳيون ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي ڪري 2 عورتن سميت 5 ڄڻا ٻڏي ويا ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٻڏي ويلن کي بچائي ورتو. سڳيون جي بچاءُ بند جي مختلف هنڌن تي ٻوڏ متاثرين جا مظاهرا ڌرڻا. ڪلهوڙا برادري پاران ٻوڏ خير خوبي سان گذري وڃڻ لاءِ بند تي قران خواني ڪئي وئي. سڳيون جي ڪچي ۾ هزارين ماڻهو ٻيڙيون نه هجڻ جي ڪري ڦاٿل. هزارين متاثرين کي ڪڍڻ جي لاءِ پاڪ نيوي جي ٻيڙين سميت 6 ٻيڙيون ريسڪيو ڪرڻ لڳيون ڪلهوڙا برادري پاران ٻوڏ متاثرين کي ڪچي مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙون گهرائي ريسڪيو جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو بند تي امدادي ڪئمپ قائم ڪري متاثرين جي لاءِ رهائش کاڌ خوراڪ ۽ ٽرانسپورٽ جو بندو بست ڪيو ويو آهي جڏهن ته اي سي ۽ مختيارڪار صوڀوديرو ٻن ڏينهن تائين بند تي رهڻ کان پوءِ غائب ٿي ويا. ايس ايم بچاءُ بند تي لنڊي جمالي، مٺو لڪ ۽ محمود چنا وٽان پاڻي جو تيز وهڪرو بند کي پائڻ لڳو آهي پاڻي وڌڻ جي صورت ۾ بند ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿيڻ جي ڪري سڳيون سميت هزارين ڳوٺ ٻڏڻ جي خدشي سبب ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *