پاڪستاني قوم ڀارت کان مدد طلب ڪندڙ نام نهاد ليڊر کي ڪڏهن معاف نه ڪندي: شهباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ پاڪستان خلاف الطاف حسين جي تقرير مان ثابت ٿي ويو آهي ته هو دشمن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف الطاف حسين پاران ڪيل تقرير جي رد عمل جو اظهار ڪندي هڪ بيان ۾ چيو ته الطاف حسين جي ان بيان سان ثابت ٿي ويو آهي ته رينجرز پاران ڪراچي ۾ ڪيل ڪارروايون 100 سيڪڙو صحيح آهن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي دلير فوج ۽ وطن جي محافظن خلاف ڳالهائڻ سان الطاف حسين جو اصل چهرو بي بقاب ٿي چڪو آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم ڀارت کان مدد طلب ڪندڙ نام نهاد ليڊر کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هن چيو ته الطاف حسين مهاجرن سان گڏ پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي دلين کي زخمي ڪيو آهي، ان کي ڀوڳڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *