گوگل جو پهرين پاڪستاني ڪرڪيٽ ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردار کي خراج

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي سڀ کان پهرين ڪرڪيٽ ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردار جي 94هين سالگرهه جي موقعي تي گوگل کيس خراج پيش ڪندي پنهنجو ڊوڊل سندس نالي ڪري ڇڏيو آهي. عبدالحفيظ ڪاردار 17 جنوري 1925 جي پنجاب جي مشهور گهراڻي ڪاردار آرائين ۾ پيدا ٿيو، جنهن پنهنجو ڪيريئر ڪرڪيٽر طور ٺاهيو. سندس شمار انهن ٽن رانديگرن ۾ ٿئي، جنهن ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏي، ان کانسواءِ عامر الاهي ۽ گل محمد به اهڙا ئي رانديگر رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ عبدالحفيظ ڪاردار ڀارت لاءِ کيڏندو هو پر پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هو هتي آيو ۽ قومي ٽيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. کاٻڙي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ عبدالحفيظ ڪاردار پنهنجي ڪيريئر ۾ 6 هزار 832 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته هن 344 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون. هو پاڪستان جي باني قائداعظم جو به حامي هو، پوءِ هن سياست ۾ قدم رکيو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر جي حيثيت سان پڻ خدمتون انجام ڏنيون. ڪرڪيٽ کان هٽي ڪري عبدالحفيظ ڪاردار سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو ۽ کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو، جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ به شامل آهي. عبدالحفيظ ڪاردار 21 اپريل 1996 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *