شاهد آفريدي پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ نو سئو ميچون کيڏندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

 

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي ڪپتان شاهد آفريدي کان اڳ ويسٽ انڊيز جو ڊوين براوو ۽ بنگلاديش جو شڪيب الحسن اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن.پاڪستاني آل رائونڊر شاهد آفريدي پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ 900 ميچون کيڏندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي، 38 ورهين جي شاهد آفريدي اهو اعزاز بنگلاديش پريميئر ليگ دوران حاصل ڪيو.پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان هينئر تائين 900 ميچن ۾ 24.76 جي ايوريج سان 20633 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 21 سينچريون ۽ 98 ففٽيون شامل آهن.بالنگ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته شاهد آفريدي جو نالو 28.68 جي ايوريج سان 1088 شڪار به داخل آهن، هو هينئر تائين پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ 800 کان وڌيڪ ڇڪا به هڻي چڪو آهي، کيس 21 ڀيرا ميچ ۾ پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز به حاصل آهي ۽ 316 ڪيچ به وٺي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *