ڪرينا ڪپور منهنجي رول ماڊل آهي، ٻئي هڪ ٻئي جي طاقت آهيون : ڪرشما ڪپور

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ماضي جي ڪامياب اداڪارا ڪرشما ڪپور چيو آهي ته سندس ننڍي ڀيڻ ڪرينا ڪپور خان سندس جي رول ماڊل آهي. اداڪارا ڪرشما ڪپور ننڍي ڀيڻ ۽ بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪرينا ڪپور خان جي ريڊيو شو عشق 104.8 وهاٽ وومن وانٽ ود ڪرينا ڪپور ۾ شرڪت ڪئي جتي ان کان سوال ڪيو ويو ته هن جي رول ماڊل ڪير آهي هن جنهن جو دلچسپ جواب ڏنو ۽ چيو ته منهنجي رول ماڊل تون آهين. ڪرشما چيو اسان ٻنهي جو واسطو هڪ پيشي سان آهي، اسان ٻئي هڪ ٻئي جي طاقت آهيون، ڪرينا کان سواءِ مان پنهنجي ماءُ کان به متاثر آهيان جنهن اسان ٻنهي ڀيڻن جي سٺي پالڻا ڪئي. شوبز سان لاڳاپي بابت ڪرشماڪپور چيو ته شوبز سان ڳنڊهجي هلڻ جو ڪو به فارمولو نه آهي، مان فلم انڊسٽريز کي ڪيترائي سال وقت ڏنو ۽ منهنجي نظريي موجب مختلف شيون ڪرڻ سان اوهان شوبز سان جڙيل رهندا آهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *