گوڊ گورننس ۽ شفافيت لاءِ سنڌ پبلڪ پروڪيومينٽ ريگيولرٽي اٿارٽي کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ گوڊ گورننس ۽ شفافيت لاءِ سنڌ پبلڪ پروڪيومينٽ ريگيولرٽي اٿارٽي (ايس پي پي آر اي / سپرا) کي مضبوط ڪرڻ تمام ضروري آهي، پر سپرا کي گهرجي ته سمورن صوبائي کاتن جي آفيسرن لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪري ۽ پنهنجي سسٽم کي آسان ڪري. اهڙن خيال جو اظهار اڄ هن وزير اعليٰ هائوس ۾ سپرا جي مامرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير جي خاص معاون عبدالقيوم سومرو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سپرا جو ايم ڊي عبدالرحيم سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي سپرا ايم ڊي عبدالرحيم سوموي ٻڌايو ته هي ادارو سنڌ پبلڪ پروڪيومينٽ ايڪٽ تحت وجود ۾ آيو، جڏهن ته ان کان پهرين حڪومت بي اينڊ آر ڪوڊ ۽ پرچيز مينوئل / روايتي طريقي سان پروڪيومينٽ جا مامرا طئي ڪندي هئي، پروڪيومينٽ جو مطلب ڪنهن خارجي ذريعي سان گڊس جي خريداري ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي حاصلات آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن به هڪ ملين رپين کان وڌيڪ خريداري ڪرڻي هوندي ته سپرا جا قانون حرڪت ۾ ايندا پر اڪثر کاتا سپرا جي طريقيڪار تي عملدرآمد نه پيا ڪن. ان تي وڏي وزير چيو ته سندس اهي خبرون مليون آهن ته سپرا جي مختلف مرحلن ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو آهي، ۽ اهو حڪومت جي مفاد ۾ ناهي ته جيڪو ترقياتي ڪم عوام جي وڏي مفاد ۾ منظور ڪيا وڃن اهي سرڪاري طريقيڪار / دير جو شڪار ٿين.  ايم ڊي سپرا عبدالرحيم سومري چيو ته دير ٿيڻ جا ڪارڻ سپرا جي آفيسرن پيدا ناهن ڪيا بلڪه اڪثر ڪري صوبائي کاتا انهن کي پروڪيومينٽ جي منظوريءِ لاءِ نامڪمل فائلون موڪلي ڇڏيندا آهن. ان تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هن سپرا کي صوبائي کاتن جي پروڪيومينٽ جي مامرن سان لاڳاپيل آفيسرن لاءِ تريبتي پروگرام ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، عبدالرحيم سومري ٻڌايو ته وڏي وزير جي حڪم تي سموري صوبي ۾ تربيتي پروگرام شروع ڪيا هئا ۽ 15 ضلعن ۾ لاڳاپيل آفيسرن لاءِ ٻن ڏينهن تي مشتمل تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيون ۽ ٻين ضلعن ۾ جلد تربيتي پروگرام منقعد ڪيا ويندا ۽ ان سان گڏوگڏ هيڊ آفيس ۾  آفيس آٽوميشن سسٽم پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان لاڳاپيل آفيسر پروڪيومينٽ جي معاملن تي هڪٻئي سان مسلسل رابطي ۾ رهندا. وڏي وزير چيو ته سندس اطلاع آهي ته سپرا جي ڪم ۾ نيب مداخلت ڪري رهيو آهي ان تي ايم ڊي سپرا هاڪاري جواب ڏيندي ٻڌايو ته نيب جو خيال هو ته پروڪيومينٽ جي هر معاملي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. هاڻي جڏهن اسان نيب جي لاڳاپيل آفيسرن کي تربيت ڏني آهي ته هاڻي اهي اسان جي ڪمن جي انداز ۽ طريقي کي سمجهن ٿا ۽ هاڻي اسان جي ڪمن ۾ مداخلت ناهن ڪندا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سپرا تي زور ڀريو ته اهي حيدر آباد ۽ سکر ۾ ريجنل آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ تجويزون موڪلن ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان هيڊ آفيس تي ڪم جو وزن گهٽ ٿيندو ۽ فائلن جي منظوري ۾ دير ٿيڻ جي شڪايت به پاڻ مرادو گهٽ ٿي وينديون، وڏي وزير سپرا جي ڪارڪردگيءِ جي واکاڻ ڪئي ۽ سمورن صوبائي کاتن کي سپرا جي قانون تي عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن سپرا تي زور ڀريو ته ڪنهن به کاتي طرفان موڪليل پروڪيومينٽ جي درخواست جي منظُوري پندرنهن ڏينهن اندر ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *