پاڪ فوج جون سربراهه جي چين جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتون، هٿياربند فوجن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ (اي پي پي) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو، جتي هن چين جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق جنرل راحيل شريف بيجنگ پهچڻ تي چين جي هٿياربند فوجن طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چين جي آرمي چيف جنرل لي زو چينگ سان ملاقات ڪئي ۽ نئين آرمي هيڊڪوارٽر جي قيام تي چيني هم منصب کي مبارڪون ڏنيون، اجلاس ۾ ٻنهي پاڙيسري ۽ دوست ملڪن جي هٿياربند فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ، تربيت لاءِ وفدن جي مٽاسٽا، ڳجهي معلومات جي ڏي وٺ ۽ چين پاڪ اقتصادي راهداري جي سيڪيورٽي سميت گڏيل دلچسي وارا ٻيا معاملا ڳالهين هيٺ آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *