آئيني ترميم تي 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪميٽِي جي چيئرمين اسحاق ڊار چيو آهي ته آئيني ترميمن تي 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، اڱاري تي نون ميمبرن جي مقرري تي آئيني ترميم کي حتمي شڪل ڏني ويندي، گذريل ڏينهن چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو 17 هون اجلاس سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ زاهد حامد، انوشا رحمان، ڊاڪٽر عارف علوي، سيد نويد قمر، ڪنرل رٽائرڊ طاهر حسين مشهدي سميت ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ مختصر بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي پنهنجي قيادت سان مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي، جڏهن ته اڄ نون ميمبرن جي مقرري تي آئيني ترميم کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *