گهرو وزير جي مان ۾ آجياڻو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي: سهيل انور سيال

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشنر عمران خان جي خط تي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪميشن ميمبرز سان غير رسمي مشاورت ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي ميمبرز جي موجودگيءَ ۾ عمران خان جي خط تي فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي چيف اليڪشن ڪميشنر کي لکيل خط تي غير رسمي مشاورت ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۽ پنجاب جي ميمبرز سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواه جو اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن ۾ مصروف آهي ۽ بلوچستان جو ميمبر فضل الرحمان پٽ جي وفات سبب موجود نه آهي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن جي سمورن ميمبرن جي موجودگيءَ ۾ عمران خان جي خط تي باضابطه غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *