سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ چاڙهه، پنوعاقل جي ڪچي جا 90 سيڪڙو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه سبب پنوعاقل جي ڪچي جا 90 سيڪڙو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، اڃان تائين هزارين ماڻهو بي يارو مددگار پاڻي ۾ ڦاٿل آهن.. پاڻي ۾ ڦاٿل سوين خاندان خوراڪ ختم ٿيڻ ڪري ڦاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، انتظاميا ٻوڏ متاثرن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، خانگي ٻيڙين وارن به ڪرايا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ هزار خيما فراهم ڪيا ويا آهن، ايڊمنسٽريٽر صرف 30 خيما لڳائي970 خيما غائب ڪري ڇڏيا آهن. ٻي طرف، ٻوڏ متاثرن لاءِ طبي سهولتون نه هجڻ ڪري متاثرين اسسٽنٽ ڪمشنر (ايڊمنسٽريٽر) پنوعاقل علي رضا انصاري سامهون بچاءُ بند تي احتجاج ڪندي چيو ته نه کاڌ خوراڪ آهي نه خيما آهن، نه ئي دوائن جو انتظام آهي. محمد اسماعيل جتوئي، عبدالجبار چاچڙ، قائم الدين سومرو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته حڪومتي سطح يا مقامي انتظاميه پاران ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪي به جوڳا انتظاميه نه ڪيا آهن، ايڊمنسٽريٽر نااهلي جو مظاهرو ڪيو، کيس هٽايو وڃي. ان موقعي تي مختيار ڪار پنوعاقل حاجي شاهنواز چارڻ متاثرين کي هر سطح جي سهولتون فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *