الطاف حسين ۽ مولانا فضل الرحمان جو تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل موقف تي اتفاق

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ ڊي سيٽ ڪرڻ واري معاملي تي گڏيل موقف تي اتفاق ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم پاران جاري پڌرنامي مطابق جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه ايم ڪيو ايم جي سربراهه کي ٽيليفون ڪيو ،جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن تحريڪ انصاف جي اسيمبلي  ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري معاملي ۽ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.الطاف حسين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني يا اختلاف ناهي، اسان جو موقف حق تي آهي ۽ اسانجي ڪمٽمنٽ آئين سان آهي جيڪا آئين جي گهرجن مطابق آهي. سندس چوڻ هو ته آئين جي حوالي سان جيڪڏهن ڪو ميمبر بنا ٻڌائڻ جي ايوان مان لاڳيتو 40 ڏينهن غير حاضر رهي ته ايوان کي اهو حق آهي ته هو ان جي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي.جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاڻ مرادو اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ اهڙي صورت ۾ آئين جي ڪا به ڪنڊ انهن کي اسيمبلي ۾ ويهڻ جو موقعو نٿي ڏئي.مولانا فضل الرحمان چيو ته ڌرڻي کان اڳ ته اسيمبلي نقلي نه هئي، پر جڏهن اسيمبلي ۾ استعيفيٰ ڏيندڙ ماڻهو ويٺا آهن ته اسان کي اسيمبلي نقلي ٿي نظر اچي، ان موقعي تي ايم ڪيوايم جي سربراهه الطاف حسين مولانا فضل الرحمان جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ان معاملي ۾ آئين جي هيٺ قدم کنيا وڃن ۽ اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي موقف تي قائم آهيون.الطاف حسين مولانا فضل الرحمان کي چيو ته ان معاملي ۾ توهان جو ۽ اسان جو موقف ساڳيو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻڻ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان معاملي تي ٻئي پارٽيون گڏيل حڪمت عملي جوڙين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *