گهارو ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر سبب عورت سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، نينگري زخمي

گهارو (رپورٽر) گهارو ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر سبب عورت سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، نينگري زخمي، قومي شاهراهه واٽر پارڪ ڀرسان الٽو ۽ ٽويوٽا ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، مڪلي واسي عورت نور صبا شاهه ۽ مرد راحيل شاهه ٿڏي تي فوت ٿي ويا، نينگري انيتا شاهه زخمي ٿي پئي، کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، حادثوڪندڙ ٽويوٽا ڪار ڊرائيورگاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.گهارو پوليس ٻنهي فوتين جا لاش رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهچايا، حادثو روڊ جو هڪ پاسو تباهه ٿيڻ جي ڪري هڪ سائيڊ تان ٽريفڪ جي آمد سبب پيش آيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *