سڄي ملڪ مان ماڻهو گڏ ڪري اربين رپيا خرچ ڪرڻ بدران ٿر جي معصوم ٻارن جي زندگين تي خرچ ڪيا وڃن ها ته بهتر هو: چوهاڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ راولپنڊي ۾ پ پ جي جلسي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ مان ماڻهو گڏ ڪري اربين رپيا خرچ ڪرڻ بدران ٿر ۾ معصوم ٻارن جي زندگين تي خرچ ڪيا وڃن ها ته بهتر هجي ها. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پ پ چيئرمين کي نيب سامهون پيش ٿيڻو پوندو، آصف زرداري ننڍي عمر ۾ ئي توهان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا سڀ طريقا سيکاري ڇڏيا هئا، هاڻ توهان چئو ٿا نيب سامهون پيش نه ٿيندس، ياد رکو توهان جي والد آصف زرداري ان ئي تڪبر سان چيو هو ته نيب سامهون پيش نه ٿيندس پر الله جي ذات وڏي آهي ۽ پوءِ سندس تڪبر لهي ويو، توهان زرداري گروپ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهيو ۽ ان گروپ مني لانڊرنگ ڪئي. سندس چوڻ هو حيرت آهي ته المناڪ واقعي کانپوءِ رحمان ملڪ اسپتال وڃڻ بدران زرداري هائوس ڇو ويو؟ توهان ضرور پنهنجي والد کان پڇو ته رحمان ملڪ ائين ڇو ڪيو؟ هن چيو ته بلاول کي والد کان ٻيو سوال اهو پڇڻ گهرجي ته راولپنڊي سانحي کانپوءِ هن ٻاهران فون ڪري اهو حڪم ڇو ڏنو ته بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم ناهي ڪرائڻو. گڏوگڏ هن بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح ڏني ته جيستائين آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ شرجيل ميمڻ سميت ٻين ڪرپٽ عنصرن جو هٿ توهان جي مٿي تي رهندو، تيستائين پنجاب، خيبر پختونخواهه، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙن چونڊن ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي، عوام توهان تي ڌيان نه ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *