ڀان سيد آباد ۾ نوجوان ناري زهر پي ڇڏيو، صدمي ۾ مڙس فوت

ڀان سيدآباد(رپورٽر) ڀان سيد آباد ۾ نوجوان ناري زهر پي ڇڏيو، صدمي ۾ مڙس فوت. ٻگهيا ڪالوني ۾ 25 ورهين جي مسمات پونم ٻگهيو زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ سندس مڙس اشفاق ٻگهيو صدمي ۾ فوت ٿي ويو، پوليس موجب عورت پونم ٻگهيو کي زخمي حالت ۾ سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو آهي، سندس مڙس جو لاش ساڳي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عورت پونم گهرو مسئلن سبب پريشان هئي، جنهن تان هن انتهائي قدم کنيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *