گلگت بلتستان جي عوام کي تبديلي جي تباهي کان بچائينداسين: بلاول

استور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوششن جو الزام هڻندي چيو آهي ته عوام پ پ کي ڪامياب ڪري وزيراعظم کي بيروزگار ڪندو. گلگت بلتستان جي ضلعي استور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز خان کان اسلام آباد ۾ ملاقاتن جا تفصيل گهرندي چيو ته وفاقي وزير سان اليڪشن ڪمشنر ملاقات ڇو ڪئي؟ هن چيو ته گلگت بلتستان جو هڪ ”ڪِنو“ وزير هنڌ هنڌ ڦري رهيو آهي، هر هنڌ مهم لاءِ نئون هٿ ٺوڪيو اچي وڃي ٿو، اهي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي هتي اچي رهيا آهن ۽ پئسا ورهائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جي واري ۾ چون ٿا مهم ڇو هلائي رهيا آهيو، اهو ته اسان جو حق آهي، گلگت بلتستان جا جوان، پوڙها ۽ عورتون مون سان گڏ آهن، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو پ پ جي تاريخ رهي آهي ته اها سدائين روزگار جا موقعا فراهم ڪندي آهي پر هي هٿ ٺوڪيا حڪمران عوام کان روزگار کسي رهيا آهن، هن ڀيري گلگت بلتستان جو عوام چونڊن ۾ پ پ کي ڪامياب ڪري وزيراعظم کي بيروزگار ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *