اپوزيشن ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي، بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ حڪومت جي اتحادين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. وزيراعظم عمران خان حڪومتي اتحادين جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ جمهوري وطن پارٽي جي وفدن سميت وفاقي وزيرن، صوبائي گورنرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ق ليگ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي. ذريعن موجب اتحادين وزيراعظم سامهون شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، انهن ترقياتي فنڊ ۽ ميگا پراجيڪٽ نه ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ تڪ جي عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو. ذريعن موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي، انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪو ميگا پراجيڪٽ يا ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، وزيراعظم سنڌ جي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳاري به خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان توهان جا اتحادي آهيون پر حڪومت ان جو ثبوت نه پئي ڏئي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال وفاقي حڪومت طرفان ڪيل واعدا پورو نه ٿيڻ تي وزيراعظم سان دانهيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل واعدن تي عمل جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کين خاطري ڪرائي ته اتحادين سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، مان توهان جا خدشا ٻڌا آهن، جلد مسئلا حل ڪندس. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستان کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏ آهيون، توهان ڏسي رهيا آهيو ته اپوزيشن ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي، اپوزيشن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر مان بليڪ ميل نه ٿيندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *