وزيراعظم کي پنهنجي حقن جي ئي خبر ڪونهي: مريم نواز

گانڇي (اين اين آءِ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت ڪير ٺاهيندو ۽ ڪيرائيندو، ان جو اختيار ڪنهن اداري يا شخص نه پر رڳو عوام آهي. گلگت بلتستان جي علائقي گانڇي ۾ چونڊ مهم سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان عوام جو آواز بڻجي هتي آئي آهيان، توهان جو هر مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس، پاڪستان جي سياست هاڻ تبديل ٿي وئي آهي، عوام جا نمائندا مار کائيندا آهن پر پوئتي ناهن هٽندا، حڪومت ڪير ٺاهيندو ۽ ڪيرائيندو، ان جو اختيار ڪنهن اداري يا شخص نه پر رڳو عوام آهي. هن چيو ته هڪ جعلي وزيراعظم گلگت بلتستان صوبي جو اعلان ڪري هليو ويو، گلگت بلتستان جي جڏهن ميٽنگ ٿي رهي هئي ته وزيراعظم ڀر واري ڪمري ۾ ويٺو هو، جعلي وزيراعظم ڪوڙا واعدا ڪندو آيو آهي، هر واعدي جيان گلگت بلتستان صوبو ٺاهڻ جو واعدو به ڪوڙو نڪرندو، وزيراعظم کي اها خبر ناهي ته عوام بُک مري رهيو آهي، جيڪو شخص پنهنجي عزت جي پرواهه نٿو ڪري، اهو توهان جي عزت جو ڪهڙو خيال ڪندو. سندس چوڻ هو ته منهن تي هٿ ڦيريندڙن جي پريشاني بنا سبب ناهي، عمران خان وڃڻ وارو آهي، ان کي گهر موڪلڻو پوندو، ووٽ چورن جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، ووٽ چوري جي ڪوشش ڪئي وئي ته توهان جو تماشو سڄي دنيا ڏسندي، پاڪ فوج جو دل سان قدر ڪيون ٿا، پاڪ فوج جي جاءِ پولنگ اسٽيشنن تي نه سرحدن تي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *